dusk-to-dawn-right-sidebar

June 14, 2013 at 7:52 pm (Uncategorized)

Advertisements

Permalink Leave a Comment

سنڌي ٽوپي

December 6, 2009 at 11:52 pm (ثقافت)

سنڌي ٽوپي

Permalink Leave a Comment

سنڌي ويب سائيٽ پاڻ ٺاهيو

December 5, 2009 at 3:12 pm (سنڌي)

انٽرنيٽ تي سنڌي ويب سائيٽن جي تمام گھڻي کوٽ آهي. انهي جو سڀ کان وڏو ڪارڻ هي آهي ته اڪثر سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين کي ويب سائيٽ ٺاهڻ نه ايندي آهي. انهيءَ جي لاءِ اسان سوچيو ته اسين انهي جي باري ۾ به ڪو مضمون لکون.
        ويب سائيٽ ٺاهڻ جا ته گھڻا ئي سافٽ ويئر آهن مگر انهن ۾ مائيڪروسوفٽ جو فرنٽ پيج پنهنجو مٽ پاڻ آهي. مائيڪروسوفٽ فرنٽ پيج آفس جي پروگرامن مان هڪ آهي. جڏهن اوهين پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ آفس انسٽال ڪندا ته انهيءَ سان گڏوگڏ هيءَ سافٽ وئير به انسٽال ٿي ويندو آهي. هي به آفيس جي ٻين پروگرامن وانگر ئي آهي..
 

         پنهنجي ويب سائيٽ ۾ سنڌي لکڻ جي لاءِ اوهان وٽ ونڊوز ايڪس پي هجڻ لازمي آهي. اگر توهان پنهنجي ويب سائيٽ انگريزيءَ ۾ يا پوءِ اردو ۾ ٺاهڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اوهين ڪنهن به ونڊوز ۾ ٺاهي سگهو ٿا. اردو ويب سائيٽ جي لاءِ بهترين سافٽ وئير ”ان پيج “ آهي. جيڪڏهن اوهان وٽ ونڊوز ايم اي يا ونڊوز 98 ته پوءِ اوهان اسانجي ويب سائيٽ تان آن لائن سنڌي ايڊيٽر ۾ سنڌي لکي ڪري اُن کي ڪاپي ڪري پنهنجي ويب سائيٽ ۾ لڳايو. اگر توهان آف لائن ويب سنڌي لکڻ چاهيو ٿا ته ويب بيسڊ سنڌي ايڊيٽر به هن ويب سائيٽ تان ڊائون لوڊ ڪري پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي لکي سگهو ٿا. انهي جي باري ۾ اڳين قسط ۾ تفصيل سان ٻڌايو ويندو.

         فرنٽ پيج جا ڪيترائي درشن آهن پر اسين هتي فرنٽ پيج اڪيس پي استعمال ڪندا سين. فرنٽ پيج پنهنجي سادي سودي انٽرفيس ۽ پنهنجي سادگي جي ڪري مشهور آهي. دنيا جا اڪثر ويب ماسٽر فرنٽ پيج ئي استعمال ڪندا آهن. اڳين قسط ۾ اسين باقاعدگي سان فرنٽ پيج سکڻ شروع ڪنداسين. جيڪڏهن اوهان کي انهي ۾ ڪنهن به قسم جي مشڪل هجي ته اوهان اسان کي اي ميل ڪري سگهو ٿا. اسين پنهنجي طرفان هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. 

Permalink 4 Comments

ڪيناڊا ڏانهن سفر

November 16, 2009 at 9:21 pm (1)

ڪئناڊا تمام وڏو ملڪ آهي. بلڪ سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ شايد ڪئناڊا ئي دنيا جو رقبي جي حساب سان وڏو ملڪ آهي. پر ڪئناڊا جيترو وڏو ملڪ آهي اوتري ئي سندس آبادي گهٽ آهي. هونئن ته ڪئناڊا جيڏو وڏو ملڪ آهي اهو اوترا ئي وڏا ڪم به ڪري ٿو. گرهام بيل جنهن ٽيلي فون ايجاد ڪيو، جنهن جي بنياد تي اَڄ سڄي دنيا انٽرنيٽ ذريعي ڳنڍجي گلوبل وليج ۾ تبديل ٿي چڪي آهي اهو ڪينيڊين شهري هو. ڊائبيٽيز (ضيابيطس) جي دوا انسولين ۽ هاڻ ذيابيطس جي علاج جو نئون طريقو ايڊمنٽن پروٽوڪول (پنڪرياز ٽرانسپلانٽ) به ڪئناڊا ۾ ئي ايجاد ٿيو آهي. اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي وڏا ڪم ڪئناڊا ڪندو رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڪئناڊا سڄي دنيا جي توجه جو مرڪز آهي. اُتي هر ڪم نه رڳو نرالي انداز سان ٿئي ٿو بلڪ اُتي نه رڳو لکڻ ۽ ڳالهائڻ پر احتجاج ڪرڻ جي به مڪمل آزادي آهي .

اڄ هي ڪالم لکڻ جو مقصد ڪئناڊا جي ويزا حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار بيان ڪرڻ آهي. ڇو جو گذريل ڪافي ڏينهن کان ملندڙ اي-ميلز ۾ پڙهندڙن جي اڪثريت جو مطالبو اهو ئي آهي ته مان کين ڪئناڊا جي باري ۾ پنهنجي تجربن سان گڏوگڏ ڪئناڊا جي ويزا ۽ اميگريشن حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار جي باري ۾ به ڄاڻ پهچايان. هاڻ هر فرد کي اي-ميل جي ذريعي ويزا حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار ٻڌائڻ ته ممڪن ناهي، تنهنڪري هن ڪالم جي ذريعي ويزا ۽ اميگريشن جي باري ۾ جيڪو ڪجهه مونکي معلوم آهي اهو هتي توهان جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.

ڪئناڊا هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي اَچڻ لاءِ دنيا جي اڪثر ملڪن جا باشندا هر وقت بيقرار رهن ٿا، ڇو جو اهي سمجهن ٿا ته ڪئناڊا ۾ نه رڳو وسيلن، فائدن ۽ زندگيءَ جي ٻين سهولتن جي هر وقت فراواني ئي فراواني آهي ۽ اتي مسئلا ڪي به ناهن. جيڪا ڳالهه صحيح نه آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته ٻين ملڪن ۾ رهندڙ ڀلي ڪئناڊا کي دنيا جي جنت سمجهن پر ڪئناڊا جا رهاڪو وري موسم جي سختي، وسيلن جي ٿورائي ۽ بيروزگاريءَ سبب هر وقت ڪئناڊا کي ڇڏڻ لاءِ بيتاب نظر اچن ٿا.

پنهنجي ڪالمن ۾ اڳواٽ ئي مان اتان جي ٿري ”ڊبليو“ 3 W ، ورڪ (نوڪري)، ويدر (موسم) ۽ وومين (عورت) جي بي اعتباريءَ جو ذڪر ڪري چڪو آهيان. پر اڄ هن ڪالم ۾ توهان کي ”چار سي“ (4C)جي باري ۾ به ٻڌائيندو هلان ٿو ته اتان جي رهاڪن جو انهن کانسواءِ گذارو ممڪن ئي ناهي. اهي آهن، ڪار، ڪريڊٽ ڪارڊ، ڪمپيوٽر ۽ ڪانڊو. ”ڪانڊو اتي هڪ اهڙي اپارٽمينٽ بلڊنگ کي چوندا آهن، جنهن ۾ فليٽ ۽ ان جي قيمت ٻئي ستئين آسمان سان ڳالهيون ڪندا آهن. پاڻ جڏهن ”فور سي“ کي سنڌيءَ ۾ لکون ٿا ته ائين لڳي ٿو ته چار سيءَ هڪ ئي سياري ۾ شامل ٿي ويا آهن. ٻي مزي جي ڳالهه اها ته اُتي ڪئناڊا ۾ ديسي ان شخص کي چون ٿا جنهن جا ٻار ماءُ پيءُ کان سٺي انگريزي ڳالهائندا هجن. ان سان گڏوگڏ هڪ ٻي مزيدار ڳالهه به توهان کي ٻڌائيندو هلان، اها هي ته اتي پاڪستان کان جيڪا سڀ کان وڌيڪ ”ميڊ ان پاڪستان“ شئي امپورٽ ٿي ڪئناڊا پهچي ٿي، ان وکر جو نالو آهي ”سياسي خبرون ۽ افواهون“. اُتي ڪئناڊا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي پنهنجي ماءُ ، پيءُ ڀائرن ۽ ڀيڻن جي خيريت جي باري ۾ ته ڀلي گهٽ خبر هجي ته اهي ڪهڙي حال ۾ آهن پر ملڪ جي صدر وزير اعظم جي ڪن ۾ ڇا چيو، اها ڳالهه وزير اعظم کان به اڳواٽ اُتي ڪئناڊا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي معلوم ٿيو وڃي.

ڪئناڊا ۾ ڀلي سرڪاري ڪرنسيءَ جو نالو ڊالر آهي پر اُتي غير سرڪاري ڪرنسيءَ جو نالو آهي پلاسٽڪ جا ٺهيل ويزا ۽ ماسٽر ڪريڊٽ ڪارڊز. ڇو جو پگهار ملڻ کان پهرين سڄي جا سڄي پگهار انهن ڪارڊن جا بل پيارڻ ۾ پوري ٿي وڃي ٿي ۽ ماڻهو قرضي ئي قرضي رهي ٿو. اُتي ڪئناڊا ۾ ڪجهه شيون تمام سولائي ۽ آسانيءَ سان هر ڪنهن کي ملي وڃن ٿيون. جن ۾ نوڪريءَ کان برخاستگي، الڪوحل، ٽرين جي سيٽ ۽ گرل فرينڊ سر فهرست آهن. هروڀرو ايئن به ڪو نه آهي ته ڪئناڊا ۾ هر شي مٿي بيان ڪيل شين وانگر آسانيءَ سان ملي وڃي ٿي، بلڪ ڪجهه شيون اهڙيون به آهن جيڪي ڪئناڊا ۾ تمام ڏکيون ۽ مشڪل سان ملن ٿيون. مثال طور: ڪئنيڊين اميگريشن ۽ ويزا، نوڪري ۽ ڊرائيونگ لائسنس وغيره ڪئناڊا ۾ حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. هونئن ته نيوزي لينڊ به ڪئناڊا وانگر پوائنٽ سسٽم تحت اميگريشن ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ نيوزي لينڊ جي اميگريشن حاصل ڪرڻ ڪئناڊا جي نسبت نه رڳو سولي آهي پر ٿوري وقت ۾ به ملي به وڃي ٿي. نيوزي لينڊ جي نه رڳو موسم سٺي آهي پر اُتي نوڪري حاصل ڪرڻ به آسان آهي ۽ ان سان گڏوگڏ نيوزي لينڊ ڪئناڊا وانگر ترقي يافته ملڪ پڻ آهي. پر جيئن ته ماڻهن کي خبر ناهي، تنهنڪري فلحال ”دبئي هلو“ وانگر پاڪستان کان ڪئناڊا ڏانهن اميگريشن جو رجهان وڌيڪ آهي. اسان جي ماڻهن کي نيوزي لينڊ جي اميگريشن جي پروگرام جي باري ۾ تڏهن وڃي خبر پوندي، جڏهن اُتي به ڪئناڊا وانگر اميگريشن ملڻ ڏکي ٿي ويندي. بهرحال ڪئناڊا جي اميگريشن لاءِ اپلائي ڪرڻ يا ڪئناڊا اچڻ کان پهرين اهڙيون کوڙ ساريون ڳالهيون آهن جن جي باري ۾ ڄاڻڻ تمام ضروري آهي. نه ته ٻي صورت ۾ غلط ڄاڻ ۽ غلط منصوبابنديءَ يا مرڳو منصوبابنديءَ کانسواءِ آيلن کي تمام گهڻين مشڪلاتن کي ڏسڻو پوي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو 2007ع ۾ ڪئناڊا ڏانهن مستقل رهائش جي ويزا (پرميننٽ ريزيڊينس) وٺي آيلن مان هڪ اندازي موجب تقريبن 70 هزار اميگرنٽس ڪئناڊا ۾ نوڪري يا ڪم ڪار نه ملڻ ۽ موسم جي سختين سبب پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن واپس موٽي چڪا آهن. پر ڪئناڊا ڏانهن هجرت ۽ وري واپسي سبب انهن اميگرنٽس جيڪو پنهنجي پئسي ۽ وقت جو نقصان ڪيو ان جو ذميوار ٻيو ڪو به نه بلڪ اهي پاڻ آهن .

بهرحال ڪئناڊا جي حڪومت چاهي ٿي ته اها هنرمند ۽ پروفيشنلز کي اُتي ڪئناڊا گهرائي ته جيئن ڪئناڊا نه رڳو ٻيڻي بلڪ چئوڻي ترقي ڪري سگهي. تنهنڪري خاص طور پاڪستان، انڊيا، انڊونيشيا، سريلنڪا، بنگلاديش کانسواءِ ايشيا ۽ آفريڪا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا باشندا به ڪئناڊا جي ڪشش ۾ اميگريشن جي لاءِ درخواستون ڏيئي رهيا آهن.

مستقل رهائش لاءِ ويزا جو طريقيڪار:

ڪئناڊا هر سال گهٽ ۾ گهٽ ٻن لکن کان وڌيڪ ماڻهن کي مستقل رهائش جي اميگرنٽ ويزا جاري ڪندو آهي ۽ اهي ويزائون مستقل بنيادن تي ڪيترن ئي سالن کان جاري ڪيون پيون وڃن. ان حوالي سان ڪينيڊين حڪومت کي هرسال لکن جي تعداد ۾ درخواستون وصول ٿين ٿيون. ڪئناڊا جي حڪومت اهڙين درخواستن تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ هڪڙي قسم جو ترجيحي نظام قائم ڪري رکيو آهي. جنهن کي پوائنٽس سسٽم سڏيو وڃي ٿو. ان پوائنٽ سسٽم تحت اميگريشن حاصل ڪرڻ لاءِ 75 پوائنٽون ۽ انگريزي جي ٽيسٽ پاس ڪرڻ ضروري آهي. جنهن کانپوءِ ميڊيڪل ٽيسٽ ۽ هڪ وڏي مخصوص رقم توهان وٽ هئڻ جو ثبوت ڪئناڊا جي اميگريش وارن کي ڏيڻو پوي ٿو. جيڪو ان معيار تي پورو لهي ٿو ان کي ڪئناڊا جي اميگريشن ملي ٿي. جيئن مونکي اڪثر دوست اي-ميلز ۾ کين ڪئناڊا گهرائڻ جي گهر ڪندا آهن يا منهنجا پنهنجا ڀائر ۽ ڀينرون مون کان رڳو ان ڪري ناراض آهن جو مان کين ڪئناڊا جي ويزا موڪلي کين ڪئناڊا ڇو نٿو گهرايان. ڄڻڪ ڪئناڊا جي ويزا جاري ڪرڻ جو اختيار منهنجي هٿن ۾ هجي. مسئلو هي آهي ته ڪئناڊا ڪو پاڪستان وانگر ۽ جهڙو ملڪ نه آهي جتي اثر رسوخ، چئو چوا ۽ رشوت ڏيئي ڪم ڪرائي وٺجي. اُتي ڪئناڊا ۾ هر ڪم هڪ نظام ۽ ترتيب تحت ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڪنهن به فرد کي غير ضروري عمل دخل ڏيڻ جي نه ته گنجائش آهي ۽ نه ئي اجازت. جيڪو به ڪئنيڊين اميگريشن جي پوائنٽس سسٽم تحت ان جي پنجن ڇهن سالن جي پروسيس مان گذري ان جي معيار تي پورو لهي ٿو ان کي پنهنجو پاڻ ئي پرميننٽ ويزا ملي وڃي ٿي. نه رڳو اهو بلڪ اميگريشن (هجرت) جي معيار کي بهتر ڪرڻ ۽ ڪئناڊا جي ضرورتن موجب، اڪثر ڪئناڊا جي حڪومت اميگريشن جي قانونن ۾ تبديليون آڻيندي رهندي آهي. جئين نيويارڪ ۾ 11 سيپٽمبر جي واقعي يا ڪئناڊا ۾ وڌندڙ بيروزگاريءَ کي نظر ۾ رکندي اميگريشن پاليسيءَ تي نظرثاني ڪري ڪافي تبديليون آنديون ويون آهن ته جيئن اميگريشن کي بهتر سڪيورٽي ۽ ڪئناڊا جي ليبر مارڪيٽ جي ضرورتن سان ڳنڍي سگهجي. ان حوالي سان اڄڪلهه درخواستگذار جي اعلي تربيت، تجربي، اهليت، سيڪيورٽي چيڪ اَپ ۽ ميڊيڪل چيڪ اَپ کي اهميت ڏني پئي وڃي. مطلب اهو ته ڪينيڊين اميگريشن ۽ ڪينڊين ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ هر ڪنهن لاءِ ڪينيڊين اميگريشن جي مقرر ڪيل شرطن ۽ معيارن تي پورو لهڻ نه رڳو ضروري بلڪ لازمي آهي. جنهن ۾ توهان کي انگريزي يا فرينچ ۾ مهارت، بهتر مالي پوزيشن، ۽ ڪئناڊا کي توهان ڪئين ڪم اچي سگهو ٿا لاءِ پنهنجي ذاتي موزونيت ثابت ڪري ڏيکارڻي پوي ٿي. بس ڪنهن جو مائٽ يا دوست ڪئناڊا ۾ آهي، سان ڪئناڊا جي اميگريشن يا ويزا پنهنجو پاڻ ئي ڪو نه ٿي ملي وڃي.

تعليمي ويزا:

اهي غير ملڪي شاگرد جيڪي ڪئناڊا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ ضروري آهي ته انهن جي ڪئناڊا جي گهربل يونيورسٽيءَ يا ڪاليج ۾ داخلا ٿي چڪي هجي. ڪئناڊا جي ڪنهن به يونيورسٽي يا ڪاليج جي باري ۾ توهان نه رڳو مڪمل معلومات انٽرنيٽ ذريعي حاصل ڪري سگهو ٿا بلڪ داخلا فارم به ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا. اهو ٻڌائيندو هلان ته ڪئناڊا جي ڪو به ڪاليج يا يونيورسٽي ٽوفل يا GRE هڪ مخصوص سيڪڙي سان پاس ڪرڻ کانسواءِ داخلا ڪونه ڏيندو آهي. تعليمي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته توهان سڄي سال جي في اڳواٽ ئي پياري چڪا هجو، هڪ اندازي موجب ٽيوشن في ۽ ٻيا خرچ ملائي لڳ ڀڳ اها 22 هزار ڊالرن کان 30 هزار ڊالر سالياني ٿئي ٿي، بلڪ ان سان گڏوگڏ ويزا آفيسر جي سامهون توهان کي اهو به ثابت ڪرڻو پوندو ته آئندهه ڪيئن ۽ ڪير توهان جو تعليمي خرچ برداشت ڪندو. ان کان سواءِ اهو به ته ڪئناڊا تعليم لاءِ ايندڙن کي پنهنجي پنهنجي ملڪ سان لاڳاپو به ڏيکارڻو پوي ٿو. جنهن لاءِ کين پنهنجي رهائش ۽ جائيداد جا ثبوت ڏيکارڻ کانسواءِ اهو به ٻڌائڻو پوندو آهي ته تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اهو پاڻ ئي پنهنجي ملڪ واپس موٽي ويندو.

ڪاروباري ويزا:

بزنس ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪينيڊين ايمبيسيءَ کي هيٺ ڄاڻايل ثبوت پيش ڪرڻا پون ٿا .

چيمبر آف ڪامرس ۾ رجسٽريشن جو ثبوت، ڪاروباري سرٽيفيڪيٽ، ڪاروبار جو قسم، جائيداد، آمدني، ڪم يا بزنيس جو لائسنس، بچت جي نوعيت، ڪمپني ۽ ذاتي بينڪ اڪائونٽ ۾ گذريل ڇهن مهينن ۾ جمع ڪرايل ۽ ڪڍرائڻ واري رقم جي اندراج واري اسٽيٽمينٽ، گذريل ٻن سالن دؤران حڪومت کي آمدني موجب ٽيڪس پيارڻ ۽ نيشنل ٽيڪس ريٽرن نمبر جو ثبوت، ٻاهريئن ملڪ ڪنهن ٻي ڪاروباري ڪمپنيءَ سان ٿيل خط ۽ ڪتابت ۽ ان طرفان مليل دعوت نامون، خريداري يا وڪاميل مال جو معاهدو، بل آف لينڊنگ ۽ بل آف ايڪسچينج، امپورٽ يا ايڪسپورٽ جي ايگريمنٽ ۽ مليل دعوت نامون جنهن جي ڪري توهان جو ڪئناڊا اچڻ بلڪل لازمي ۽ اهم هجي ۽ 3 لک ڊالرن جي رقم بينڪ ۾ هئڻ جو ثبوت.

علاج لاءِ ويزا:

علاج لاءِ ويزا حاصل ڪندڙن لاءِ لازمي آهي ته سڀ کان پهرين اهي ڪئناڊا ڏانهن سياحت جي ويزا لاءِ مقرر ڪيل معيارن تي پورا لهندا هجن، سفر ۽ علاج جو خرچ برداشت ڪرڻ جو ثبوت، اهڙي بيماري جنهن جو علاج سندن پنهنجي ملڪ ۾ موجود نه هجي ۽ ان لاءِ ڪئناڊا اچڻ ضروري هجي، درخواست گذار کي ان لاءِ ناقابل واپسي في جمع ڪرائڻي پوندي پوءِ ڀلي ويزا ملي يا نه. ملڪ ۾ موجود ڪئنيڊين ڪائونسليٽ جي مقرر ڪيل ڊاڪٽر جي رپورٽ، جنهن ۾ ان مرض جي تشخيص ۽ علاج وغيرهه جو ذڪر ڪيو ويو هجي، علاج جو تعين ۽ خرچ جي اندازي تي مبني ليٽر جيڪو ڪئناڊا جي لائسنس يافته ميڊيڪل سينٽر يا اسپتال جاري ڪيو هجي، بينڪ اڪائونٽ جو تفصيلي ثبوت ته مريض علاج سيمت هڙني خرچن سميت رهائش ۽ ٻيا خرچ پاڻ ئي برداست ڪندو .

سياسي پناهه Political asylum :

ڪئناڊا ۾ سياسي پناهه جي درخواستن تي فيصلو پڪن ثبوتن جي بنيادن تي ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ پڪا ثبوت آهن ته مذهب، نسل، قوميت يا ڪنهن خاص سماجي گروهه جي ميمبرشپ يا سياسي اظهار جي آزاديءَ جي بنياد تي اهو همراهه سخت خوف جو شڪار آهي يا مٿين مان ڪنهن به سبب جي ڪري کيس جان جو خطرو آهي ته پوءِ ڪئناڊا جو جج ان شخص کي سياسي پناهه ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿو. پر اڄڪلهه سياسي پناهه جي ڪيسن جو فيصلو ٺيڪ ٺاڪ نموني ٺڪي ٺوڪي ڪيو وڃي ٿو ۽ اڄڪلهه اهڙن ڪيسن جي اڪثريت جي سياسي پناهه رد ٿي رهي آهي. ڇو جو سياسي پناهه دؤران اهڙن فردن جو خرچ ۽ علاج ڪئنيڊين حڪومت برداشت ڪري ٿي. اهڙن فردن جي رهائش جو بندوبست ڪري ٿي، سال ۾ ٻه دفعا ڪپڙڻ ۽ بوٽن جي خريداري لاءِ رقم مهيا ڪري ٿي يا اهڙو ڪارڊ ڏيندي آهي جنهن سان اهو شخص پنهنجي مرضيءَ سان پاڻ ئي شاپنگ ڪري سگهي. اڄڪلهه هوائي جهاز جي ذريعي ڪئنيڊين ايئرپورٽ تي پهتل اهڙي ڪنهن به فرد جي ايئر پورٽ تي ئي جيڪي بنا ڪنهن دستاويز تي سفر ڪن ٿا يا پنهنجو پاسپورٽ ڦاڙي اڇلائي ڇڏين ٿا انهن جي اُتي جو اتي سياسي پناهه جي درخواست رد ڪري ٻي فلائيٽ ذريعي واپس سندس ملڪ ڏانهن اماڻي ڇڏيو وڃي ٿو ۽ جنهن هوائي ڪمپنيءَ ذريعي اهو ڪئناڊا پهتو، ان خلاف سخت قدم کڻندي ان هوائي ڪمپنيءَ تي وڏو ڏنڊ وڌو وڃي ٿو ته آخر ان شخص بنا ويزا جي ڪئناڊا ڏانهن سندن هوائي جهاز ۾ ڪيئن سفر ڪيو. باقي ٻين ذريعن سان آيل جا ڪيس ٻڌڻ لاءِ منظور ڪيا وڃن ٿا. ضروري تحقيق کانپوءِ جيڪڏهن ان شخص طرفان پيش ڪيل ثبوت ۽ بيان ڪيل تڪليفون ۽ ٻي معلومات جيڪڏهن صحيح ۽ جائز ثابت ٿئي ٿي ته پوءِ ڪيس منظور ڪري ورتو وڃي ٿو .

ڪنوينشنل ريفيوجي:

ڪئناڊا عالمي معاهدن يا گڏيل قومن سان ٿيل معاهدن تي ڏاڍي سچائيءَ ۽ مخلصي سان عمل ڪندو آيو آهي. انساني همدرديءَ جي بنيادن تي ڪئناڊا تمام گهڻن بي گهر ۽ مظلوم انسانن کي پناهه ڏيندو آيو آهي. ڪنهن ملڪ ۾ جنگ ۽ تباهه ڪارين سبب ڪئناڊا اهڙن ماڻهن کي اچڻ جي اجازت ڏيندو رهيو آهي. جنهن ۾ آفريڪا، طالبان جي زماني جي افغانستان ۽ بوسنيا وغيره ويجهي ماضيءَ جا مثال آهن. يا اهڙا فرد جيڪي ان خوف جي بنياد تي سندن ملڪ ڏانهن واپس وڃڻ لاءِ تيار ناهن، جيڪو سندن پنهنجو ملڪ ته هو يا ڪن ٻين سببن جي ڪري اهي اُتي رهندا هئا. پر ان سلسلي ۾ به هاڻي ڪئناڊا ۾ ڪافي سختي نظر اچي ٿي. ڇالاءِ جو 11 سيٽمبر کانپوءِ آمريڪا مان وڏي تعداد ۾ پاڪستانين ڪئناڊا اچي ان ڪيٽيگريءَ تحت ريفيوجي ڪليم ڪيو هو. پر اهڙن فردن طرفان آمريڪا ۾ ساڻن پيش آيل تڪليفن کي ثابت نه ڪري سگهڻ سبب انهن جون وڏي تعداد ۾ درخواستون رد ڪيون ويون آهن.

ڪئنيڊين ويزا لاءِ دستاويزي ثبوتن جي اهميت:

ڪئنيڊين ويزا لاءِ هوم ورڪ مڪمل هئڻ گهرجي. هر شئي ۽ ڳالهه لاءِ دستاويزي ثبوت هئڻ لازمي آهي نه ته ٻي صورت ۾ توهان وٽ ثبوت نه هئڻ جو ڪو مضبوط ۽ پڪو سبب هئڻ گهرجي. ڪئنيڊين ايمبيسيءَ ۾ درخواست ڏيڻ يا ويزا وغيره لاءِ اسلام آباد ۾ ڪئنيڊين ايمبيسيءَ جي ايڊريس اڳواٽ ئي معلوم هئڻ گهرجي ته جيئن اُتي وقت جي پابنديءَ سان پهچي سگهجي. ڪئناڊا جي ويزا لاءِ عرصو ايترو رکو ۽ ٻڌايو جنهن جو خرچ توهان سولائيءَ سان برداشت ڪري سگهو. ڪئناڊا ۾ هڪ هفتي جي رهائش جو گهٽ ۾ گهٽ خرچ 600 ڊالرن کان 1000 ڊالرن تائين اچي ٿو. جيڪڏهن توهان هڪ مهينو ڪئناڊا ۾ رهڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان وٽ گهٽ ۾ گهٽ 3 کان 4 هزار ڊالر هئڻ گهرجن. جيڪڏهن توهان ڇهه مهينا ڪئناڊا ۾ قيام ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ان حساب سان توهان وٽ رقم جي پڪي بينڪ اسٽيٽمينٽ هئڻ گهرجي ۽ اهو به ته غلط بياني ڪرڻ يا غير قانوني طريقين سان ڪئناڊا اچڻ جي ڪوشش اَجائي آهي. ڇالاءِ جو اتان جو نظام ايترو ته منظم، ڳنڍيل ۽ هڪ ٻئي سان جڙيل ۽ لاڳاپيل آهي جو ڪو به ان جي پڪڙ کان پاڻ کي بچائي نٿو سگهي. ايتري حد تائين جو اُتي غير قانوني نوڪري ڪرڻ ۽ رهائش اختيار ڪرڻ ته پري جي ڳالهه بيماري وغيره جي صورت ۾ قانوني دستاويز کان سواءِ ڊاڪٽر وٽ به نٿا وڃي سگهو ۽ نه ئي ڪا دوا وغيره وٺي سگهو ٿا. ڇو جو اتي ڊاڪٽر جي نسخي کانسواءِ دوا ڪو نه ملندي آهي. چوڻ جو مطلب اهو ته ڪئناڊا اچڻ لاءِ سڀني قانوني مرحلن جي پلصراط پار ڪرڻ ئي بهتر آهي نه ته ٻي صورت ۾ غير قانوني قيام ڪرڻ اتي ممڪن ڪو نه آهي .

گورنمينٽ يا سيمي گورنمينٽ يا پرائيويٽ نوڪري ڪرڻ وارن کي پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي NOC، پاسپورٽ، محڪمي طرفان ايڪس پاڪستان ليو، نوڪري ملڻ واري وقت جو اپوائنٽمينٽ (مقري) ليٽر، ڪئناڊا ۾ رهائش دؤران خرچ برداشت ڪري سگهڻ جو ثبوت، بينڪ اڪائونٽ جي گذريل ڇهن مهينن دؤران ٽرانزيڪشن جي اسٽيٽمينٽ ۽ ٻيون اهي سڀ تقاضائون جيڪي ڪينيڊين ايمبيسي توهان کي مڪمل ڪرڻ لاءِ چيا هجن.

ڪئناڊا ۾ قيام جو عرصو:

ڪئناڊا ۾ توهان ڪيترو عرصو قيام ڪري سگهو ٿا، اهو توهان نه پر توهان جا ڏوڪڙ توهان کي ٻڌائيندا. جيڪڏهن رقم گهٽ آهي پر توهان ڊگهو عرصو قيام ڪرڻ چاهيو ٿا ته اهو ڪو منطقي جواب نه هوندو ۽ اميگريشن آفيسر توهان جي ويزا درخواست رد ڪري سگهي ٿو. تنهنڪري توهان جي درخواست لازمي طور تي منطقي هئڻ گهرجي. تنهنڪري ويزا جي درخواست ڀرڻ وقت ۽ انٽرويو ۾ اوهان جي قيام جو وقت ۾ هڪجهڙائي هئڻ گهرجي .

اسپانسرشپ:

ڪو به اهڙو شخص جيڪو ڪئناڊا جو شهري آهي ۽ ان جي عمر ارڙهن سالن کان گهٽ نه آهي، اهو پنهنجي خاندان کي ڪئناڊا اسپانسر ڪري سگهي ٿو. خاندان مان مراد ان شخص جي زال، ٻار جيڪي غير شادي شدهه هجن ۽ انهن جي عمر 21 سالن کان گهٽ هجي يا پنهنجي والدين کي گهرائي سگهن ٿا. اسپانسر شپ تحت ايندڙن لاءِ لازمي آهي ته اهي سٺي صحت ۽ بهتر چال چلن جي معيار تي.

فياض سومرو جي ٿورن سان

Permalink 1 Comment

Love Sindhi

November 13, 2009 at 1:05 pm (سنڌي)

this is my first post to love sindhi

Permalink Leave a Comment

love

September 10, 2009 at 3:04 pm (Entertainment)

hi love
khkljhkh
kljljlk

Permalink Leave a Comment